پلي شمس الدين

پلي، شمس الدين: شمس الدين پلي ولد دلدار عرف دِلو پلي، ڳوٺ دِلو پليءَ، تعلقي عمرڪوٽ ۾ 1913ع ڌاري ڄائو. سٺو شاعر هو. شاعريءَ ۾ سندس استاد ايوب فقير آريسر هو. شمس الدين پليءَ، جواني زماني سازيءَ ۾ گذاري ۽ پوءِ فقيريءَ ڏانهن راغب ٿيو. سندس ڪلام ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل آهي، جنهن تي سرمدي ۽ صوفياڻو رنگ غالب آهي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو